اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ملاقات ۾ فلسطينين جي خلاف اس??ائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي فتح نه ٿي?? جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ سندس وفد جو پرڏيهي آفيس ۾ اس??قبال ڪيو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ واپار، توانائي جي تعاون ۽ بهتر سرحدي انتظام جي ذريعي انهن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ ??ون راهون ڳو??ڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اس??اق ڊار ۽ پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن فلسطينين جي خلاف اس??ائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي ۽ فلسطيني عوام جي فتح نه ٿي?? جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت ۾ پنهنجي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي پاران اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا