اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بزرگ واپاري اڳواڻ ??فتخار علي ملڪ کي سندس50 سالا جي اڻٿڪ خدمتن تي ايف پي سي سي آءِ ليجنڊ آف بزنس ڪ??يونٽي ايوارڊ عطا ڪيو آهي. اهو اعزاز سڄي خطي ۾ واپار ۽ صنعت کي فروغ ڏيڻ ۾ ان جي مثالي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. سندس ايوارڊ سندس وڏي پٽ سينيئر ايگزيڪيوٽو گارڊ گ??وپ تيمور علي ملڪ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ وصول ڪيو. ڪاروباري ۽ واپاري ڌرين پاران افتخار ملڪ کي اعليٰ ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته افتخار علي ملڪ پنهنجي اڻٿڪ محنت جي لاءِ مشهور آهي ۽ ڪاروباري دنيا ۾ نمايان مقام رکي ٿو. افتخار علي ملڪ کي واپار ۽ بزنس جي شعبي لاءِ سندس ڪ??ششن ۽ بي پناهه خدمتن جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ واپاري منظرنامي ج?? جوڙجڪ ۾ سندس ڪردار به اهم رهيو آهي. جنهن جي ڪري کيس ممتاز ايوار?? جو حقدار سمجهيو ويو آهي. افتخار علي ملڪ سارڪ چيمبرز آف ڪامرس، ايف پي سي سي آءِ ۽ لاهور چيمبر جي صدر ۽ سارڪ چيمبر پاڪستان چيپٽ?? جو مسلسل 11 سالن تائين بنا مقابلي نائب صدر رهيو ۽ ملڪ ۾ واپارين ۽ چيمبرز جي اتحاد، يونائيٽيڊ بزنس گروپ جو چيئرمين به رهيو، سندس گروپ مشهور بختاور ميموريل ٽرسٽ جون ٻه اسپتالون پڻ هلائي رهيو آهي، جيڪي مستحق مريضن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري ٿو.
صدر آصف علي زرداري پاران بزرگ واپاري اڳواڻ افتخار علي ملڪ کي ايف پي سي سي آءِ ليجنڊ آف بزنس ڪميونٽي ايوارڊ عطا
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل