اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سي پيڪ تي پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ تي اطمينان ظاهر ڪندي چيو ??هي ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي ??هي جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي ترقي واري وزير ليو جي??ن چائو چيو ته چين پاڪس??ان جي اقتصادي ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ سي پيڪ جي اپ گريد ورزن جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي ترقي واري وزير ليو جي??ن چائو اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ليو جي??ن چائو وزيراعظم جي چين جي تازي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي ??و حصو آهي. چيني وزير ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي پاڪس??ان ۾ آجي??ن ڪندي وزيراعظم انهن کي ۽ پاڪس??ان جي سياسي اڳواڻن کي پاڪ چين پوليٽيڪل پارٽيز فورم جي ڪامياب تنظيم ۽ سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم (جي سي ايم) جي ٽئين دور تي مبارڪباد ڏني. چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جي حوالي سان هن چيو ته اها انتهائي ??طمينان جوڳي ڳالهه ??هي ته چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه تي ٻنهي ملڪن ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان بزنس ٽو بزنس ۽ صنعتي شعبن تي ڌيان ڏيندي چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جو نئون مرحلو شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي تاريخي ۽ منفرد اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي. هن پاڪ چين دوستي کي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. پنهنجي چين جي تازي دوري دور??ن چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ٿيندڙ لاڀائتين ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جي اڳئين مرحلي ۾ ان لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي چيني قيادت جي ويزن کي ساراهيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ جي سمورن جاري ۽ نئين منصوبن جي جلد تڪميل ۽ انهن تي عملدرآمد پاڪس??ان جي اقتصادي ترقي ۽ جامع ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي سياسي پارٽين جي وچ ۾ تجربي جي مٽاسٽا، صلاحيت ۾ بهتري جي حوالي سان مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪس??ان س??ن چين جي مضبوط ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سي پي سي جي مڪمل حمايت کي ساراهيو. ليو جي??ن چائو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪس??ان ۽ چين مضبوط ڀاءُ، اسٽريٽجڪ حصيدار ۽ انتهائي ??عتماد جوڳا دوست آهن. هن چيو ته چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪس??ان کي هڪ خاص مقام ڏنو ??هي ۽ هو پاڪس??ان جي اقتصادي ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو. سندس چوڻ هو ته اس??ن چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جي اڳئين مرحلي جي لاءِ تيار آهيون. وفد ۾ پاڪس??ان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊونگ شامل هو، ملاقات ۾ بنهي ملڪن جي وچ ۾ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ۽ بزنس ٽو بزنس حصيداري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ٻيا وفاقي وزير ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو. جنهن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي قائدين پڻ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سي پيڪ تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ تي اطمينان جو اظهار، پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو