اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس و??ري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده وزارت جو عهدو سنڀالي ورتو. وفاقي وزير جي وزارت آمد تي هائوسنگ اينڊ ورڪس و??ري سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد خان بنگش ۽ وزارت جي ٻين آفيسرن سندس ا??تقبال ڪيو. وفاقي وزير چارج سنڀالڻ کان پوءِ هائوسنگ و??ري سيڪريٽري سان هڪ جامع بريفنگ ورتي ته جيئن وزارت اندر ج??ري منصوبن، چئلينجز ۽ موقعن جي ب??ري ۾ مڪمل آگاهي حاصل ڪري سگهجي. ان موقعي تي وفاقي وزير معاملن کي خوش اسلوبي سان انجام ڏيڻ کي يقيني بنائڻ، شفافيت کي يقيني بنائڻ ۽ ج??ري منصوبن جي تڪميل کي تيز ڪرڻ جون هدايتون ج??ري ڪيون. وفاقي وزير پاليسين ۽ پروگرامن تي عملدرآمد ۾ احتساب ۽ ڪارڪردگيءَ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻ??ئي سگهجي ته وزارت پنهنجي ميڊيٽ کي مؤثر طريقي سان پورو ڪري. وفاقي وزير سرڪ??ري ملازمن ۽ عام ماڻهوءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حامل اعليٰ معيار جي گهرن، بنيادي ڍانچي ۽ تعميراتي منصوبن جي ترقيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ جديد ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير نااهلي ۽ بدعنواني کي قطعي برداشت نه ڪرڻ جي پاليسيءَ تي زور ڀريندي چيو ته وزارت اندر پيشوراڻي مهارت ۽ ديانتد??ري جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکڻ لا??ِ سخت قدم کنيا ويندا.
هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده عهدي جو چارج سنڀالي ورتو
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب