صوابي – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته دنيا ۾ ٽيڪن??لا??ي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي، تعليمي ادارا منهنجي دل جي ويجهو آهن، اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي، علم جي ڪري حضرت آدم عه کي فرشتن تي فوقيت ملي، غلام اسحاق خا?? انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز ۽ ٽيڪن??لا??ي جا ڪئمپس پوري پاڪستان ۾ هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غلام اسحاق خا?? انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪن??لا??ي ٽوپي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته مون پهريون ڀيرو هن اداري جو دورو 90ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ڪيو هو. هن اداري کي بهترين ڏٺو. هن انسٽيٽيوٽ قائم ٿيڻ ج?? خواب جن ماڻهن ڏٺو هو انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهڙي قسم جي ادا??ن جو قائم ٿيڻ پاڪستان جي مقصدن ۽ هدفن جو حصو آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان جي تخليق ٿي. پاڪستان اهڙن ئي ادا??ن جي قائم ٿيڻ ج?? لاءِ وجود ۾ آيو هو ته جيئن اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي اهڙا موقعا فراهم ڪري سگهون جتي اهي نه رڳو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي خا??دان جي لاءِ بهتري ڪري سگهن پر دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن. هن چيو ته منهنجي راءِ ۾ غلام اسحاق خا?? انسٽيٽيوٽ جي طرز تي وڌيڪ ادارا هجڻ گهرجن. هن چيو ته حضرت آدم عه کي علم جي ڪري ئي فرشتن تي فوقيت ملي. اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي. غلام اسحاق خا?? انسٽيٽيوٽ جي ذريعي پاڪستان دنيا ۾ علم ۽ ٽيڪن??لا??ي جي شعبي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي. هن چيو ته هن اداري جا ڪئمپس سمورن صوبن ۾ هجڻ گهرجن. شروعاتي طور تي اسلام آباد ۾ ان جي ڪئمپس جي قيام جي تجويز غور هيٺ آهي. اسان ان جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. دنيا ۾ ٽيڪن??لا??ي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي. هن چيو ته ڪائنات ڪا اهڙي شيءَ نه آهي جيڪا هڪدم ختم ٿي وڃي، ان ۾ تخليق جو عمل جاري رهي ٿو. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ فيڪلٽي جي اهميت تمام وڌيڪ آ??ي. انهن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسان جو نوجوان نسل مستقبل جي قيادت آهي.
دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي، تعليمي ادارا منهنجي دل جي ويجهو آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا