اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي، آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪوبه مٿڀيد وارو سلوڪ نه رکنداسين. اها ڳالهه هن ??نڌ جي گورنر ڪا??ران ٽيسوري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، آئين تحت اها گڏيل ذميواري پوري ڪنداسين. ??نڌ جي گورنر ڪا??ران ٽيسوري مرتضيٰ سولنگي کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هو جلد ڪراچي جو دورو ڪندو.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز