اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ??ذريل سال 14 آڪٽوبر 2022ع تي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو. 9 مهينن جي مختصر مدي ۾ 31 جولاءِ 2023ع تي منصوبو مڪمل ڪيو ويو، جنهن تي 6 ارب 25 ڪروڙ رپيا لاڳت آئي آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان مقامي آبادي ۽ سياحن کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. اهو منصوبو 5.2 ڪلوميٽر رستي، ٻن پلين ۽ چئن انڊر پاسز تي ٻڌل آهي، منصوبي تي ڏينهن رات ڪم ڪري ان ??ي 6 مهينن جي مختصر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن سان خطي ۾ سياحت جي صنعت کي فروغ ملندو ۽ ٻارڻ جي بچت سان ??ڏوگڏ ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ۾ به مدد ملندي.
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II