پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ايس ڊي بي) جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پ??ڪس??ان ۽ آءِ ايس ڊي بي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات فرانس ۾ منعقد ٿيندڙ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم ۽ آءِ ايس ڊي بي جي صدر مختلف جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پ??ڪس??ان بابت عالمي ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي شرڪت تي پ??ڪس??اني حڪومت ۽ عوام پاران ڊاڪٽر الجاسر جا ٿورا مڃيا. هن ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي پ??ڪس??ان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۾ معاونت جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر جي فراهمي جي اعلان کي ساراهيو. هن ان فراخدلاڻي مالي معاونت ۾ ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي تعاون ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ايس ڊي بي جي پ??ڪس??ان سان فائديمند ح??يداري ملڪ جي عوام کي ان جي زندگين جي نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومت جي پائيدار ترقي جا مقصد ح??صل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي. وزيراعظم ڊاڪٽر الجاسر کي ملڪ ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي صحيح رخن تي قائم ڪرڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ون ونڊو حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ تازو ئي جوڙيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پ?? ٻڌايو. وزيراعظم آءِ ايس ڊي بي جي صدر کي جلد کان جلد پ??ڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا