اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري سڀاڻي ڀا??ت جي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته هو پنهنجي وطن تي ڀا??ت جي قبضي کي رد ڪن ٿا. ڪاري ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني ۽ ڀا??ت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ آزادي پسند جماعتون ان جي حمايت ڪري رهيون آهن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جو چيئرمين مسرت عالم بٽ دهليءَ جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغام ۾ ڀا??ت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ انسانيت خلاف جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، ان کي پاڻ کي وڏو جمهوري ملڪ قرار ڏيڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو ڪوبه حق حاص?? ناهي. ٻي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ نعيم احمد خان ڪشميري عوام تي زور ڀريو ته هو ڀا??ت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين. تهاڙ جيل ۾ نظربند پنهنجي پيغام ۾ ڄمون ڪشمير تي ڀا??ت جي غير قانوني ۽ زبردستي قبضي جي مذمت ڪندي ڀارتي حڪمرانن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي سياسي قسمت جو فيصلو آزاداڻي، منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ ذريعي ڪرائڻ جي پنهنجي وعدن باوجود ڪشميري عوام جي اُمنگن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ لاءِ پُرتشدد رستي جي چونڊ ڪئي آهي. هن چيو ته عالمي برادريءَ جي اها ذميداري آهي ته هو ڀا??ت جي ڪشمير تي غير قانوني قبضي جو سنجيدگيءَ کان نوٽيس وٺي. هوڏ??نه?? ڊيموڪريٽو فريڊم پارٽي پڻ ڪل جماعتي ڪانفرنس جي هڙتال جي سڏ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته ان جي مادرِ وطن تي ڀا??ت جي غير قانوني ۽ زبردستي قبضو ??نه?? لاءِ ناقابل قبول آهي. ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ موتن ۽ تباهيءَ ۾ ملوث آهي ۽ ان لکين ڪشميرين کي بندوق جي زور تي يرغمال بنائي رکيو آهي، ان کي يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق ناهي.
سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري سڀاڻي ڀارت جي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری