لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان روس جي توانائي واري وز??ر نڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي ??اء?? توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو، روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي وفد جي آجيان ڪندي وز??راعظم روس سان ل??ڳاپن جي پاڪستان جي ??اء?? اهميت تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اء?? اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي ??اء?? ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. روس جي توانائي وز??ر وز??راعظم کي روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صدر پيوٽن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ روس جو اهم حصيدار ق??ار ڏيندي ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اء?? روس جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي ??اء?? توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پائيپ لائينز سان ل??ڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وز??راعظم 20 جنوري 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ ر??س بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي اٺين دور جي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وز??ر مصدق ملڪ ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.
وزيراعظم سان روس جي توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ وفد جي لاهور ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال