اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ا??ڪش?? پلان ٺاهڻ جو مطالبو ڪي?? آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار مراڪش جي شهر فينز ۾ گڏي?? قومن جي تهذيبن بابت اتحاد جي نائين عالمي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جي ميزباني مراڪش جي شاهه ڪئي. مملڪ??ي وزير سڄي دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، امتيازي سلوڪ، اسلامو فوبيا ۽ تشدد جي وڌندڙ مسئلي بابت پاڪستان جي موقف ۽ خدشن کي واضح ڪيو. هن پرامن گڏيل بقاءَ، گڏيل افهام تفهيم ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ۽ مضبوط بين المذهبي، بين التهذيبي ۽ بين المذاهب مڪالمي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. حنا رباني کر خاص طور تي مسلمانن ۽ اسلام جي خلاف رياستي امتيازي سلوڪ، دشمني ۽ فوبيا طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ اهڙي قسم جي ڪڌي ڪمن جي لاءِ ڇوٽ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ماحول طرف ڌيان ڇڪرايو. هن زور ڏنو ته هاڻي وقت اچي وي?? آهي ته عالمي برادري ۽ گڏي?? قومون اسلامو فوبيا ۽ مسلم مخالف نفرت ج?? ڪڌي رجحانن کي بامعنيٰ طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ا??ڪش?? پلان جوڙين. گڏي?? قومن جي تهذيبن جو اتحاد نائين اليون کانپوءِ 2005ع ۾ مسلم دنيا ۽ اولهه جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي جواب ۾ جوڙيو ويو هو. ان جي بنيادي مقصدن مان هڪ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام کي اڳ??ي وڌائڻ آهي. نائون فورم ”امن جي اتحاد طرف: هڪ انسانيت ج?? طور گڏ رهڻ“ جي مرڪزي موضوع تحت منعقد ڪيو ويو. يو اين اي او سي گروپ آف فرينڊز جي ميمبر طور پاڪستان اتحاد جي مينڊيٽ کي اڳ??ي وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي?? آهي.
اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ايڪشن پلان ٺاهڻ گهرجي: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر