اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ ق??م قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد س??ن اسان کي آزاد مل?? جو تحفو ڏنو، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اه??ي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح وزيراعظم عمران خان جو رول ماڊل آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙو پاڪستان چاهي ٿو جتي معاشي ۽ ثقافتي قدر مضبوط ۽ عالمي دنيا ۾ ان جو مقام بلند تر هجي. هن چيو ته اسان کي فرقيواريت ۽ شدت پسندي جهڙن مل?? دشمن ع??صر?? کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري هڪ متحد قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باباءِ ق??م جي پيدائش جي ڏهاڙي تي اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ مثالي مل?? بڻائينداسين.
باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste