اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) حڪومت گذريل سال معيشت، صحت، تعليم، پرڏيهي پاليسي، سماجي ڀلائي سميت مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون ۽ هدف حاصل ڪيا، ڪشمير مسئلي کي موثر طريقي سان سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪيو ويو، مني لانڊرنگ، دهشتگردي ۽ عصمت دري جي روڪٿام جي ل??ءِ قانونسازي ڪئي وئي، افعان امن بحالي ل??ءِ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، روانگي واپار جي حوصلا افزائي ل??ءِ رليف پيڪيج ڏنو ويو، جولائي کان نومبر 2020ع تائين ڪرنٽ اڪائونٽ بلينس هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر سرپلس رهيو، جولائي کان نومبر 2020ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 27 سيڪڙو جي اضافي سان 11 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ۽ جول??ءِ کان ڊسمبر 2020ع تائين روانگي واپار جو ڪاٿو 5 سيڪڙو اضافي سان 12 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته جول??ءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائين وڏين صنعتن جي واڌويجهه جي شرح 6.7 سيڪڙو رهي آهي،
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا فيبروري 2018ع کانپوءِ 13 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي بلند ترين سطح تي رهيا، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي مڪمل طور تي فعال ڪيو ويو، ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم منصوبن تي ڪم جاري آهي، ماڪڙ جي خاتمي جي ل??ءِ موثر حڪمت عملي ٺاهي وئي، نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي ??حت 20 هزار گهرن جي تعمير جي ل??ءِ 100 ارب رکيا ويا، احساس پروگرام ??حت تاريخي رليف ڏنو ويو، ڪووڊ – 19 جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون دوران 15 ملين خاندانن ۾ شفاف انداز ۾ 180 ارب روپيا ورهايا ويا، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي م??هن ڏيڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي ل??ءِ گرين پيڪيج ڏنو ويو، ملڪ ۾ وينٽي ليٽرز ۽ طبي اوزارن جي تياري شروع ٿي، 2021ع ۾ سڄي ملڪ ۾ پناهگاهن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ ”ڪو به بکيو نه سمهي“ منصوبو شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن شهرين کي يونيورسل هيلٿ ڪوريج فراهم ڪئي ويندي. ڪالهه سومر ڏي??هن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران 2020ع ۾ حڪومتي ڪارڪردگي بابت جاري جائزه رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي موثر طور تي م??هن ڏيڻ ل??ءِ عوامي صحت جي حوالي سان قومي سلامتي ڪميٽي جو پهريون ڀيرو اجلاس منعقد ڪيو ويو ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو جيڪو ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي م??هن ڏيڻ ۽ ان سلسلي ۾ رهنمائي جو فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، حڪومت احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۽ ٻين اقتصادي بهتري جي قدمن جي ذريعي 180 ارب روپيا مستحق ماڻهن ۾ ورهايا ويا جڏهن ته مجموعي طور تي 12 کرب روپين جو رليف پئڪيج ڏنو آهي، حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ ۽ ڪاروباري سرگرميون جاري رکڻ جي ل??ءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، ان کانسو??ءِ تعميراتي صنعت جي ل??ءِ وڏو پئڪيج ڏنو آهي ج??هن جو بنيادي مقصد ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت طبقي جي روزگار کي برقرار رکڻ آهي، حڪومت جي ان بهترين قدمن جو صحت جي عالمي اداري به اعتراف ڪيو آهي، رپورٽ موجب حڪومت ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ مديني جي رياست جي طرز تي معاملا هلائڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ احساس ڪفالت پروگرام شروع ڪيو ويو آهي ج??هن سان 70 لک خاندانن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جا 20 لک خاندان فائدو کڻندا،
ان سان گڏوگڏ احساس آمدني پروگرام، احساس انڊر گريجوئيٽس اسڪالرشپس جي فراهمي ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ احساس نشو نما پروگرام به حڪومتي حڪمت عملي جو حصو آهي، ڪوويڊ – 19 جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون سبب متاثر 15 ملين خاندانن کي شفاف انداز ۾ 180 ارب روپيا ورهايا ويا ج??هن سان معاشري جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن کي وڏو رليف مليو آهي، حڪومت صحت جي شعبي جي بهتري ۽ عوام کي صحت جي بهترين جي سهولتن جي فراهمي ل??ءِ عملي قدم کنيا آهن، هر خاندان جي ل??ءِ صحت سهولت ڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي ج??هن ??حت سڄي پنجاب ۾ 2021ع جي آخر تائين ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جنوري 2021ع جي پڄاڻي تي، فاٽا جي ضم ٿيل علائقن سميت سڄي خيبرپختونخواهه ۾، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سمورن سرڪاري ۽ نجي اسپتالن مان صحت سهولت ڪارڊ رکندڙ 10 لک روپين تائين ساليانو علاج ڪرائي سگهن ٿا، حڪومت عوام کي علاج جون جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ وينٽي ليٽرز ۽ اسٽنٽس سميت طبي اوزارن جي ملڪ جي اندر تياري جو عمل شروع ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ آئيسوليشن اسپتال ۽ انفيڪشنز ٽريٽمينٽ سينٽر، ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ ميڊيڪل، سرجيڪل ۽ الائيڊ سروسز بلاڪ جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ڊسٽرڪٽ هيڊڪورٽر اسپتال حافظ آباد، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، ان کانسو??ءِ پشاور ۾ 250 بسترن جي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي جو به افتتاح ڪيو ويو آهي ج??هن سان ا??هن علائقن جي ماڻهن کي علاج جون بهترين ۽ جديد سهولتون ملنديون. تعليم جي شعبي جي ڪارڪردگي به بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ حڪومت ٺوس قدم کنيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ هڪ جهڙي تعليمي نصاب کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، يونيورسٽي آف حافظ آباد، يونيورسٽي آف چڪوال، نمل، ناليج سٽي فيز ون، سيالڪوٽ يونيورسٽي آف اپلائيڊ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي جڏهن ته هريپور ۾ پاڪ آسٽريا فيڪو چولي انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي، هڪ جهڙو تعليمي نصاب 2023ع تائين لاڳو ڪيو ويندو،
موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ حڪومت ملڪ جي سڀ کان وڏي ٻيلي ڪنديان ميانوالي ۾ 25 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي ج??هن سان ماحولياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي م??هن ڏيڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي ل??ءِ گرين اسٽيمولس پيڪيج ڏنو ويو آهي، برسات جي موسم ۾ وڻڪاري ۾ به وڏي پئماني تي ٻوٽا لڳايا ويا آهن، ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ??حت 19 آگسٽ 2020ع تي 35 لک ٻوٽا لڳايا ويا آهن، ماکيءَ جي پيداوار وڌائڻ جي ل??ءِ هڪ ارب وڻ هڻڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ ٻيلن جي ل??ءِ محفوظ علائقن جي انگ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، حڪومت ماحول کي سرسبز ۽ شاداب ۽ صاف سٿرو رکڻ جي ل??ءِ ڪلين گرين انڊيڪس ايوارڊ جاري ڪيو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ ايڪو ٽوئرازم جي ل??ءِ پروگرام جاري ڪيو ويو، ماڪڙ جي بحران کي ڪاميابي سان م??هن ڏنو ويو، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ??حت بايو ڊائيورسٽي سمٽ، آسٽرين ورلڊ سمٽ ۽ ڪلائيميٽ ايمبيشن سمٽ کي خطاب ڪري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ ماحولياتي مسئلي کي م??هن ڏيڻ ل??ءِ پاڪستان جي قدمن کي اجاگر ڪيو آهي، موجوده حڪومت عوام کي رهائش جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ به مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان 100 ارب روپين جي لاڳت سان نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ??حت 20 هزار رهائشي يونٽس تعمير ڪرڻ جي منصوبي جو افتتاح ڪيو، ان کانسو??ءِ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي فيصل آباد جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، پشاور ۾ بي آر ٽي جو افتتاح ڪيو ويو جڏهن ته ڪراچي ۾ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي جي ل??ءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۽ ڪراچي پيڪيج ڏنو ويو آهي، جڏهن ته راوي اربن ڊولپمينٽ پيڪيج، تربيلا ۽ منگلا جي تعمير جي 5 ڏهاڪن کانپوءِ ٻن وڏن ڊيمن ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير، آزاد پتڻ ۽ ڪوهالا هائيڊرو پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، مهمند شيخ زيد روڊ جو افتتاح ڪيو ويو آهي،
سي پيڪ ??حت خصوصي اقتصادي زون جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، شيخوپوره قائداعظم بزنس پارڪ، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ه??ءِ اسپيڊ براڊ بينڊ پراجيڪٽ ۽ چڪوال ناردرن ب??ءِ پاس حڪومت جي ترقياتي منصوبن جو حصو آهن، معيشت جي شعبي ۾ به موجوده حڪومت نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جول??ءِ 2020 کان نومبر 2020ع تائين ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر سرپلس رهيو آهي جڏهن ته مالي سال 2018ع ۾ اهو ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس جو خسارو 7 ارب 20 ڪروڙ هو، جول??ءِ کان نومبر 2020ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 27 سيڪڙو جي حساب سان 11 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ۽ جول??ءِ کان ڊسمبر 2020ع تائين روانگي واپار جو ڪاٿو 5 سيڪڙو اضافي سان 12 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته جول??ءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائين وڏين صنعتن جي واڌويجهه جي شرح 6.7 سيڪڙو رهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا فيبروري 2018ع کانپوءِ 13 ارب ڊالر جي بلند ترين سطح تي رهيا، رپورٽ موجب ٽيڪسٽائيل انڊسٽري هن وقت پنهنجي مڪمل صلاحيت سان هلي رهي آهي، 80 هزار پاور لومز ٻيهر هلي رهيا آهن، 50 هزار پراڻي پاور لومز کي به هلايو ويو آهي جڏهن ته 30 هزار نوان پاور لومز به پيداوار ڏئي رهيا آهن، سيمنٽ جي صنعت به پنهنجي مڪمل صلاحيت موجب ڪم ڪري رهي آهي ۽ سيمنٽ جي خريداري جي ل??ءِ رڪارڊ آرڊر مليا آهن، ملڪ ۾ گاڏين، موٽرسائيڪلن، رڪشن جو وڪرو وڌي رهيو آهي، ٽيڪس جي وصولي ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، حڪومت صنعتن جي ل??ءِ انرجي رليف پيڪيج ڏنو ته جيئن پائيدار اقتصادي واڌويجهه جي شرح جي ل??ءِ روانگي واپار کي وڌائي سگهجي، پرڏيهي پاليسي جي شعبي ۾ به موجوده حڪومت هڪ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، وزيراعظم قطر، ملائيشيا جا دورا ڪيا، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر وولڪن بوزڪير پاڪستان جو دورو ڪيو،
وزيراعظم عمران خان به پهرين ڀيرو ڪابل جي دوري تي ويو، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جو مثبت ڪردار به جاري آهي، افغان اڳواڻ گلبدين حڪمت يار طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جي ميمبرن ۽ افغان اڳواڻ عبدالله عبدالله پاڪستان جا دورا ڪيا، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ان سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي، مني لانڊرنگ ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال بابت مختلف اجلاسن کي به خطاب ڪيو، ڪشمير مسئلي کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو ويو. 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو، 13 جول??ءِ تي ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو، 5 آگسٽ تي ڪشمير يوم استحصال ۽ 27 آڪٽوبر تي يوم سياه ڪشمير ملهايو ويو. وزيراعظم عمران خان ٻه ڀيرا آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو، ان کانسو??ءِ حڪومت مني لانڊرنگ، دهشتگردي ۽ جنسي ڏوهن جي روڪٿام ل??ءِ قانونسازي کي يقيني بڻايو، سينيٽ جون چونڊون اوپن بيلٽ ۽ ايندڙ عام چونڊون اي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جي ل??ءِ وزيراعظم عمران خان پاليسي جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جي ل??ءِ به وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان عوام کي صحت جي بهترين ۽ جديد سهولتن جي فراهمي ۽ معاشري جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن جي مدد ل??ءِ 2021ع جي ل??ءِ خصوصي هدف مقرر ڪيا آهن ج??هن ??حت 2021ع ۾ سمورن شهرين کي صحت جي مفت سهولت فراهم ڪئي ويندي، احساس پروگرام ??حت جلد هڪ نئون منصوبو ” ڪو به پاڪستاني بکيو نه سمهي“ شروع ڪيو ويندو.