اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي عالمي حيثيت گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ تسليم ٿيل آهي، جنهن تي عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، سڀني ميمبر ملڪ?? جي گڏيل ذميداري آهي ته هو ڀارت کي پنهنجون عالمي ذميداريون پوريون ڪرڻ جو پابند بڻائين، پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته ڀارت کي خطي ۾ عدم استحڪام جي لاءِ رياستي دهشتگردي جي استعمال کان روڪيو وڃي، جڏهن ته ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پاڪستان ڪشميري عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو ۽ انه?? جي جائز خودمختياري واري حق کي حا??ل ٿيڻ تائين هر ممڪن حمايت جاري رکندو. يوم سياهه ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان اهو ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي لاءِ پنهنجي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي طور تي ملهائي رهيا آهيون.
ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي عالمي حيثيت تسليم ٿيل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔