اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي ??ي) وزيراعظم شاهد خاقان ??باسي چيو آهي ته اسان کي پورو يقين آهي ته 2018ع ۾ اسان 2013ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر پاڪستان ??ڏي وينداسين، پوري اميد آهي ته 2018ع ۾ به مسلم ليگ (ن) ٻيهر اقتدار ۾ ايندي، اسان چاهيون ٿا ته جيڪو به اقتدار ۾ اچي ان کي هڪ بهتر پاڪستان ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ??ي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان ??ي هدفن ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ شامل آهي، اهو اسان ??ي ۽ سمورين سياسي پارٽين جي منشور جو به حصو آهي ان کانسواءِ تعليم ۽ صحت جي شع??ي ۾ بهتري آڻڻ به اسان ??ي اولين ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان ??ميواريون وفاقي وزير کان مختلف هونديون آهن، وفاقي وزير رڳو هڪ کاتي جو ذميوار جڏهن ته وزيراعظم اندروني ۽ ٻاهريون ذميواريون به نڀائي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا