اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) پائيدار اقتصادي اوسر واري شرح لاءِ سڄي دنيا جي حڪومتن کي ايندڙ 10 سالن دوران 30 کرب ڊالر جا اضافي وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا، پراپرٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن کي تر??ياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) جي رپورٽ مطابق اهي وسيلا تيزي سان تر??ي ڪندڙ معيشتن جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جي 4 سيڪڙو جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جي جي ڊي پي جي 16 سيڪڙو جي برابر آهن. آئي ايم ايف تجوي?? پيش ڪئي آهي ته اضافي وسيلن جي دستيابي لاءِ مقامي سطح تي پراپرٽي ٽيڪس کي اثرائتي طور لاڳو ڪرڻ جي قدمن جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي آئي ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٽيڪسز جي شرح ۾ اضافي جي حوالي سان سڌاري سبب ڪجهه ملڪن ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلا به پيدا ٿيا آهن جن کان تحفظ لاءِ سمورن شراڪتدارن جي صلاح سان قدم کڻڻا پوندا ۽ عوام کي به اعتماد ۾ وٺڻو پوندو. پائيدار معاشي تر??ي جي وسيلن ۾ اضافي جي سلسلي ۾ رئيل اسٽيٽ ٽيڪسز جو اثرائتو نفاذ اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهي ٿو ۽ ٻئي پاسي قومي ٽيڪسن جي شرح وڌائڻ بدران پراپرٽي ٽيڪس جي موثر نفاذ سان نه رڳو ڪنهن قسم جي سياسي غير يقيني جي صورتحال کان بچي سگهجي ٿو پر مقامي سطح تي پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي ۽ تر??ياتي مقصدن لاءِ استعمال ڪر?? سگهجي ٿو. آئي ايم ايف وڌيڪ چيو ته ملڪيت تي ٽيڪس جو اثرائتو نفاذ مقامي حڪومتن جي آمدني ۾ اضافو ڪر?? سگهي ٿو. جنهن سان مقامي حڪومتون شهري آبادين جي مسئلن جي خاتمي ۽ تر??ياتي هدف کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ مطابق پراپرٽي ٽيڪس جي اثرائتي نفاذ لاءِ جديد ٽيڪنالوجيز مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جڏهن ته پاليسي ريفارمز به گهٽ آمدني وارن ۽ تيزي سان تر??ي ڪندڙ ملڪن جي آمدني وسيلن ۾ اضافي کي يقيني بڻائي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ٻهرا??ي ۽ شهري علائقن ۾ مقامي سطح تي بنيادي ڍانچي جي تر??ي سان زندگي جي معيار ۾ به اضافو ٿيندو.
پراپرٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن جي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا: آئي ايم ايف
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria