تهران-14 آڪٽوبر (اي پي پي ) ايران سزا ڏنل صحافين جي قيد ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ايران ۾ هڪ عد??لت ٻن صحافين جي قيد ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي جيڪي ڪجهه عرصي کان جيل ۾ سزا ڀوڳي رهيا هئا. انهن تي الزام هو ته هو آمريڪا س??ن سهڪار ڪن ٿا ۽ آمريڪا س??ن ملي ايران ۾ انتشار جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ٻنهي صحافين کي 2022 ۾ هنگامن کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو هو. ٻنهي صحافين ايراني حڪومت خلاف مظاهرو ڪندڙن جي مهم ۾ سهڪار ڪيو هو. 2022 جي حڪومت مخالف مهم ايران ۾ ڪيترن ڏهاڪن کانپوءِ ڏسڻ ۾ آئي هئي، هڪ سال اڳ ايراني صحافي نيلو فر ??ميدي ۽ ايلا هي محمدي کي عد??لت 12 ۽ 13 سال سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته عدليه بابت هڪ ترجمان نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته انهن ٻنهي جي سزا ۾ 5 سال گهٽتائي ڪئي وئي آهي. انهن تي آمريڪا س??ن ملي ايراني حڪومت خلاف ڪم ڪرڻ جو الزام هو .
ايران ۾ سزا ڏنل صحافين جي قيد ۾ گهٽتائي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena