عمان- پهرين ڊسمبر(اي پي پي) ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي سربراه ڪرسٽوس ڪرسٽو چيو آهي ته اسرائيلي فوج اولهه ڪناري جي شهر جنين ۾ تنظيم جي طبي ٽيمن جي اسپت??ل ۾ ڪم ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي،ميڊيا رپورٽن موجب اولهه ڪناري مان واپسي کان پوءِ اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪرسٽوس ڪرسٽو چيو ته اسرائيلي فوج جي حملي دوران ايم ايس ايف جي طبي ٽيمن کي معطل ڪيو ويو ۽ انهن جي ڪم ۾ رڪاوٽ وڌي ۽ فلسطينين کي طبي خدمتون فراهم ڪرڻ کان روڪيو، هن غزه پٽي جي صورت??ال کي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهڙي تباهي واري صورت??ال اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي، هن چيو ته غزه پٽي ۾ ڪابه جاء?? محفوظ نه آهي ۽ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو غير انساني صورت??ال ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia