بيجنگ- 13 فيبروري (اي پي پي) چين اسرائ??ل تي غزه جي شهر رفح ۾ پنهنجي فوجي ڪارروائيون جلد روڪڻ تي زور ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنگ بند نه ٿي ته هتي سنگين انساني تباهي ٿي سگهي ٿي. اي ايف پي مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اڱاري ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته چين رفح جي علائقي ۾ ٿيندڙ پيش رفت تي گهري نظر رکندي شهرين کي نقصان پهچائڻ ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ واري قدمن جي مخالفت ۽ مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته چين اسرائ??ل تي زور ڏنو آهي ته هو جلد پنهنجي فوجي آپريشن بند ڪري ته رفح جي علائقي ۾ وڌيڪ سنگين انساني تباهي کي روڪي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن