گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه پٽي جي مڪمل گهيراءَ تي انته??ئي ڳڻتي جو اظهار ڪن??ي چيو آهي، ته غزه ۾ انساني صورتحال اڳ ئي انته??ئي سنگين هئي، جيڪا وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي. هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين کي ٻڌايو ته ه?? فلسطين جي عوام جي جائز شڪايتن ۽ اسرائيل جي سيڪيورٽي خدشن کي تسليم ڪري ٿو پر پوءِ به د??شتگردي جي ڪارروائين ۽ شهرين جي قتل ۽ اغوا جو جواز نه ٿو پيش ڪري سگجي. هن انهن حملن کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ سمورن يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ پنهنجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ه?? غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 500 کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادت ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمين جي خبر بابت انته??ئي پريشان آهي. بدقسمتي سان اهو انگ وڌي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسرائيل جون ڪاروائيون جاري آهن. هن چيو ته ه?? اسرائيل جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي تسليم ڪري ٿو پر اسرائيل کي اهو به ياد ڏيارجي ٿو ته فوجي آپريشن دوران عالمي انساني قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
مڪمل گهيراءَ بعد غزه ۾ انساني صورتحال وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج