گڏيل قومون -09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور اسر??ئي?? ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بعد اولهه جي ردعمل ج?? سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته فلسطينين تي ڪيل ظلم تي عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي. دنيا کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. سعودي خابرو اداري مطابق هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسر??ئي?? کي دفاع جو حق ڏيڻ جي ڳالهه فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي. رياض منصور چيو ته سندس ملڪ اسر??ئي?? کي انهن قدمن کان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو آهي، پر عالمي برادري ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هن چيو ته غزه ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو انهن قدمن جو نتيجو آهي ته اسر??ئي?? کي هاڻي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته اسرائيل ج?? غزه جي گهيراءَ سان شهرين جي ڏکي??ئي?? ۾ اضافو ??يو آهي. هن چيو ته اسر??ئي?? کي غزه جو گهيراءُ فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ قتل عام کي روڪڻ لاءِ اسان سان ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته اسر??ئي?? کان فلسطين جي عوا?? لاءِ عالمي تحفظ ڪٿي آهي؟ رياض منصور چيو ته جڏهن مظلوم فلسطيني آهن پوءِ عالمي برادري خاموش آهي، اسان انسان ناهيون جو اسان جي قتل ج?? اجازت ڏني وڃي ۽ اسر??ئي??ين جي قتل تي اعتراض ڪيو وڃي.
اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں