اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سي پيڪ کي پوري خطي جي خوشحالي جو منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي، ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي قربت ۽ مثالي دو??تي جو چٽو ثبوت آهي، چين جو پاڪستان جي معاشي بهتري ۾ اهم ڪردار آهي، ڏک ??ک ۾ چين سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهن، سي پيڪ ٽو منصوبو پاڪستان ۽ خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. گذريل ڏينهن چائنه چيمبر آف ڪامرس جي انتظام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دو??تي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ نسل ??ان ٻئي نسل تائين اڳيان وڌي رهي آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جو هڪ ٻئي سان جذباتي لڳاءُ آهي. ٻئي ملڪ مضبوط دو??تي جي رشتي ۾ جڙيل آهن. چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته چين سدائين ڏک ??ک ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، جڏهن اسان کي بدترين توانائي جو بحران درپيش هو ته چين پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي نئين سر تعمير ۾ اسان جي مدد ڪئي. هن چيو ته 2013ع ۾ 8 ??ان 19 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿي رهي هئي، جنهن سبب اسان کي ساليانو 500 ارب روپين جو معاشي نقصان ٿي رهيو هو، اها بدترين صورتحال هئي، انڊسٽريز بند ٿي رهيون هيون، گهريلو صارفين لوڊ شيڊنگ س??ب سخت متاثر ٿي رهيا هئا. هن چيو ته بجلي جي توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي فوري بجلي جا پيداواري منصوبا لڳائڻ جي ضرورت هئي، چين جي ون بيلٽ ون روڊ انيشيٽو تحت بجلي جا ڪيترائي منصوبا لڳايا ويا، ساهيوال ڪول پاور، ٿر ڪول، ڪراچي پورٽ انرجي پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ توانائي جي منصوبن سان توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي جنهن سبب اسان 2018ع ۾ زيرو لوڊ شيڊنگ ڇڏي وياسين. هن چيو ته 2013 ??ان 2018ع تائين ڪاميابين جو سفر جاري هو. پاڪستان جي معاشي بهتري ۾ چين جو اهم ڪردار رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ اوسر واري شرح 5.8 سيڪڙو هئي، مهانگائي جي شرح 4 سيڪڙو هئي، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي آئي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته چيني قيادت، چيني سفير ۽ چيني ڪمپنين جا ٿورائتا آهيون جن پاڪستان سان مضبوط اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ذريعي توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان چيني ڪمپنين کي بهترين انڊسٽريل زونز فراهم ڪري سگهي ٿو، هو هتي گهٽ پيداواري لاڳت مان فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ پنهنجي مصنوعات پاڪستان مان ٻين ملڪن کي امپورٽ ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته 11 سالن ??ان پوءِ چين جو وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر پاڪستان جي عوام لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ جو دورو پاڪستان لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. ٻئي ملڪ سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهن، سي پيڪ ٽو منصوبو پاڪستان ۽ خطي لاءِ گيم چينجر هوندو. هن چيو ته پاڪ چين دو??تي اسان جي دلين جي تمام ويجهو آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ خطي جي خوشحالي اسان جا گ??يل مقصد آهن. هن چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي قربت ۽ مثالي دو??تي جو چٽو ثبوت آهي، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جو ئي نه پر پوري خطي جي خوشحالي جو منصوبو آهي.
سي پيڪ پوري خطي جي خوشحالي جو منصوبو آهي، چين ڏک سک ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي معاشي بهتري ۾ چين جو اهم ڪردار آهي: عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر