اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري تي اهم بريڪ ٿرو ٿيو جنهن تحت اهم شعبن ۾ ايم او يوز تي صحيحيون ڪيون ويون. روس ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل ڪاروباري سرگرميون ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار نجڪاري واري و??اق?? وزير عب??العليم خان گذريل ڏينهن روس ۾ پاڪ – روس ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فورم ۾ ايم او يو تي صحيحين واري تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته روس جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن کي ڳنڍڻ آهي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مفاهمت وارن يادداشت نامن تي صحيحيون سٺو سنئوڻ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي روس جي واپار بابت ڊپٽي وزير اليڪسي گروز ديو چيو ته پاڪ – روس بزنس فورم ترقي جون نيون راهون هموار ڪندو. ايم او يو جي تقريب ۾ روس ۾ پاڪستان جي سفير خالد جمالي، روس ۽ پاڪستان جي سينيٽرن سميت ٻين اهم عهديدا??ن شرڪت ??ئي.
پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري تي بريڪ ٿرو، اهم شعبن ۾ ايم او يوز تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر