اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي ملائيشيا جي هم منصب سان ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وز??ر ملائيشيا جي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وز??ر ٽينگو عبدالعزيز سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ پاڪس??ان مان ملائيشيا کي ايڪسپورٽ ٿيندڙ شين ۽ واپاري رڪاوٽن کي گه??ائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ واپار ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وز??ر چيو ته پاڪس??ان جي تقريبن سمورن شعبن ۾ ترقيءَ جا ام??ان موجود آهن ۽ ملائيشيا جي سيڙپڪارن کي انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪس??ان سڄي دنيا ۾ اعليٰ معيار جا چانور ۽ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني انبن، حلال گوشت ۽ چانورن جي تمام گه??ي کپت آهي. هن چيو ته ملائيشيا چانورن جي امپورٽ لاءِ پاڪس??ان سان وڌيڪ سهڪار ڪري، پاڪس??ان حڪومت چانورن جي گه?? ۾ گه?? ايڪسپورٽ قيمت (ايم اي پي) کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن سان پاڪستاني واپار ڪندڙن کي چٽاڀيٽي جي قيمتن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن پاڪستاني گوشت ۽ جيليٽن ايڪسپورٽ ڪندڙ ڪمپنين لاءِ ايڪريڊيٽيشن جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته ان شعبي ۾ سهڪار سان واپار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي سگهي ٿو. واپار واري وز??ر چيو ته پاڪستاني واپارين کي ملائيشيا لاءِ گوشت ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڏُکيائين کي حل ڪرڻ ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي، ان سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان واڌ ممڪن ٿيندي. بعد ۾ ملائيشيا جي وز??ر پاڪس??ان کي آسيان جي سرگرمين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ڇاڪاڻ ته ملائيشيا آسيان جي سربراهي سنڀالي رهيو آهي.
ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی