اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته روس سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي، پاڪستان روس سان واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان روسي ??يڊريشن جي نائب وزيرا??ظم اليڪسي اوورچڪ ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف نائب وزيرا??ظم اوورچڪ ۽ سندس وفد جي وزيرا??ظم هائوس اچڻ تي آجيان ڪئي. روسي ??ائب وزيرا??ظم سان ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته روس سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان روس سان واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ روسي ??زيرا??ظم مشسٽن جي استقبال جو منتظر آهي. وزيرا??ظم چيو ته هن سال جولاءِ جي شروع ۾ سندس صدر ولادمير پيوٽن سان انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هن ٻطرفي تعاون ۾ وڌيڪ توسيع تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اعلي?? سطحي وفد موڪلڻ تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا. روسي ??ائب وزيرا??ظم اوورچڪ شاندار استقبال تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا ۽ روس جي پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي تعميري ۽ گڏيل طور تي فائديمند قرار ڏنو. ٻنهي ڌريون باقاعده رابطو ب??قر??ر رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيرا??ظم ۽ روسي ??ائب وزيرا??ظم روس ۽ پاڪستان جي وچ م مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان مفاهمتي يادداشتن تحت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي، آءِ ٽي، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ تعاون کي فروغ ملندو.
روس سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ