راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظ??ار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف راولپنڊي ۾ آرمي وار ??يم جي پڄاڻي واري سيشن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي تازي وار ??يم ۽ پاڪستان فوج جي سمورن ممڪن خطرن جي حوالي سان آپريشنل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دفاع وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، اطلاعات وارو وفاقي وزير آرمي چيف ۽ سينيئر عسڪري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظ??ار ڪيو ۽ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام جي قيام ۽ ائٽمي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي هٿيا??بن?? فوج جي اهم ڪردار ??ي ساراهيو. هن جارحيت جي صورت ۾ دشمن تي جوابي ضرب کي يقيني بڻائيندڙ روڪٿام جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جديد حربي تصورن ۽ سڌارن کي ساراهيو. عسڪري قيادت قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اها ڳالهه ورجائي وئي ته پاڪستان جي فوج موجوده سيڪيورٽي چئلينجز کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو جاري رکندي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر