اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ جاري پي ايس ڊي پي منصوبن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير ??يو ته صوبا پنهنجي ترجيحن مطابق پي ايس ڊي پي منصوبن لاءِ لائحه عمل تيار ڪن، پوري ڪوشش آهي ته بلوچستان صوبي جي منصوبن لاءِ فنڊز جي ف??اه??ي يقيني بڻايون. هن چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي ??هم قدمن جي ضرورت آهي. مقامي ماڻهن کي ئي ايف سي جون خدمتون سونپيون وڃن ۽ انهن کي ضروري تربيت ف??اه?? ڪئي وڃي، جن منصوبن تي 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپارڪو جي مدد سان ملڪ ۾ موجود 15 سال اول ۽ اڄ جي ڊيمن تي رپورٽ تيار ڪئي وڃي. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سا?? عوام کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن جو جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس