اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سڄي دنيا جون نظرون وزيراعظم شهباز شريف جي چ??ن جي ايندڙ دوري تي کُتل آهن، چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، سي پيڪ جي ڪري چ??ني مصنوعات جي پاڪستان ۽ پاڪستاني مصنوعات جي چ??ن جي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پاڪ چين لاڳاپن، سي پيڪ، پاڪستاني معيشت جي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي چ??ن جي ايندڙ دوري جي حوالي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻوله?? ٿي. وفاقي وزير چ??و ته سڄي دنيا جون نظرون وزيراعظم شهباز شريف جي چ??ن جي ايندڙ دوري تي کُتل آهن، وزيراعظم شهباز شريف جي چ??ن جي دوري دوران سي پيڪ تحت جاري من??وبن جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته نئين من??وبن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻوله?? ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه من??وبي تحت پاڪستان ۾ ڪيترن ??ي وڏن من??وبن جي تڪميل ۾ چيني تعاون قابل رشڪ آهي. هن چ??و ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو اهم من??وبو آهي، سي پيڪ جي ڪري چ??ني مصنوعات جي پاڪستان ۽ پاڪستاني مصنوعات جي چ??ن جي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي، اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنيادن تي لاڳاپا قائم آهن، اهي لاڳاپا جامع اسٽريٽجڪ حصيداري جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيني سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن ۽ سعودي عرب ۽ ايران جي اعليٰ سطحي وفدن جي دورن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چ??و ته حڪومت جي اقتدار ۾ ايندي ئي معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. چيني سفير حڪومت جي معاشي قدمن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو. وفاقي وزير چيني سفير کي پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت جي لاءِ حڪومتي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم جي چ??ن جي ايندڙ دوري دوران چين جي نيوز ايجنسي ”شنهوا“ ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا جي معاهدي تي پڻ صحيحون ٿينديون. ٻنهي ڌرين ثقافتي ۽ تعليمي وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ۽ هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
سڄي دنيا جون نظرون وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي ايندڙ دوري تي کُتل آهن، چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج