اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڙن ۾ 6 کان 8 اپريل تائين ??عودي عرب جو دورو ڪندو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هي سندس پهريون غيرملڪي دورو هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارا وفاقي وزير پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم عمري ??ي ادائيگي کانسواءِ مدينه المنوره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪندو. وزيراعظم جي سعودي عرب جي ولي ع??د ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات متوقع آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. بيان موجب ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ?? سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي تي آهن. پاڪستا?? جي عوام خادم الحرمين ??لشريفين ??اهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ انتهائي احترام رکي ٿو. ٻنهي ملڪ?? جي قيادت ڀائرانن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 کان 8 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج