اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سياسي پا??ٽين تي پا??ندين جي نئين دور جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڪالعدم ڪشميري پا??ٽين تان پا??نديون هٽائڻ ۽ محمد ياسين ملڪ سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان ۾ پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير پيپلز فريڊم ليگ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير پيپلز ليگ جي چار ڌڙن تي پا??ندي هڻڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان محمد ياسين ملڪ جي قيادت ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ تي پا??ندي کي وڌيڪ 5 سال تائين وڌائڻ جي فيصلي جي پڻ مذمت ڪري ٿو. تازي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مجموعي طور تي 14 ڪشميري سياسي پا??ٽين کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن پا??ٽين سان لاڳاپيل ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، سڀ کان وڌيڪ ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته محمد ياسين ملڪ جي لاءِ موت جي سزا جي درخواست ڪئي وئي آهي جنهن کي 2022ع ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جا جابراڻا حربا ڪشميري عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي خواهشن کي دٻائي نه ٿا سگهن جنهن جو حق انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي. بيان موجب والاريل ڄمون ۽ ڪسمير ۾ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ ڀارت جي جاري مهم عالمي انساني حقن ۽ انساني قانون سان گڏوگڏ جمهوري اصولن جي پڻ خلاف ورزي آهي. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها ڪالعدم ڪشميري پا??ٽين تان پا??ندي هٽائي ۽ محمد ياسين ملڪ سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندين جي نئين دور جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات