اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اڪ??تان ۽ آسٽريليا جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??اڪ??تان ۾ مقرر آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم آسٽريلوي ??اءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته ??اڪ??تان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ??اڪ??تان آسٽريليا سان زراعت، لائيو اسٽاڪ، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن آسٽريلوي ڪمپنين ۽ ماهرن کي پڻ دعوت ڏني ته اهي ??اڪ??تاني ڪمپنين سان پنهنجي مهارت جي حصيداري ڪن. وزيراعظم آسٽريليا ۾ رهندڙ ??اڪ??تانين جن ۾ شاگردن جو هڪ وڏو انگ پڻ شامل آهي جو پڻ خاص طور تي ذڪر ڪيو. آسٽريلوي ??اءِ ڪمشنر ??اڪ??تان سان آسٽريليا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان حوالي سان پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن وزيراعظم کي آسٽريلوي دفاعي عملدارن جي ??اڪ??تان جي دورن سميت اڳتي ٻطرفي مصروفيتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. آسٽريلوي ??اءِ ڪمشنر وزيراعظم پاران نشاندهي ڪيل ترجيحي شعبن سميت راندين، خاص طور تي ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ۽ ثقافتي تعاون کي پڻ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو. آسٽريلوي ??اءِ ڪمشنر ??اڪ??تاني سيڪي??رٽ?? گارڊز جي بهادراڻي ڪوشسن کي پڻ ساراهيو جنهن سڊني ۾ هڪ حملي دوران ڪيتريون ئي جانيون بچايون. ان حملي ۾ هڪ ??اڪ??تاني سيڪي??رٽ?? گارڊ مارجي ويو هو جڏهن ته ٻه زخمي ٿيا. ان حملي ۾ 5 عورتون مارجي ويون هيون.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ آسٽريليا جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر