ڪويت – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪويت پهچڻ تي ڪو??ت جي بجلي، پاڻي ۽ قابل تجديد توانائي واري وز??ر ڊاڪٽر جاسم محمد عبدالله الاستاد نگران وز??راعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو ڪويت ۾ سفير ملڪ محمد فاروق ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سفارتي عملدار پڻ موجود هئا. دوري دوران نگران وز??راعظم ڪو??ت جي ولي عهد شهزاده شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ وز??راعظم شيخ احمد النواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. نگران وز??راعظم جي ڪو??ت جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، جنهن ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش