ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسجد ??و دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پي?? ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسجد ??و دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پي?? ڪيو، مرحوم شيخ زيد جي دانشمنداڻي قيادت دنيا جي مختلف قومن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ڪلچر کي سگهه ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي ويجها لاڳاپا هئا. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شيخ زيد مسجد جو عظيم پي??ام گڏيل بقاءَ، ڀائيچاري ۽ ٻين ثقافتن جي لاءِ وڏي دل جي تصور کي اجاگر ڪري ٿو، اهو پي??ام گڏيل عرب امارات جي باني جي شاندار ميراث کان متاثر آهي. نگران وزيراعظم کي اسلامي ثقافت جي حقيقي جوهر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مسجد جي اهم ڪردار بابت ٻڌايو ويو. شيخ زيد گرينڊ مسجد جديد اسلامي فن تعمير جو هڪ شاهڪار نمونو آهي جنهن ۾ 40000 کان وڌيڪ نمازين جي ويهڻ جي گنجائش آهي. شيخ زيد مسجد گڏيل عرب امارات جي سڀ کان وڏي ۽ دنيا جي ٽئين وڏي مسجد آهي. مسجد جي دوري دوران پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمزي پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.
نگران وزيراعظم جو ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسجد جو دورو، مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني، خراج عقيدت پيش ڪيو
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس