اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يون??ور??ٽين ۾ نوان شعبا شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ يون??ور??ٽين کي آن لائين تعليم جي نظام کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسيٽس يون??ور??ٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي ڇهين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪامسيٽس، سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سيڪريٽري وفاقي تعليم سميت سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي يون??ور??ٽين جي معاملن تي وقت سر فيصلاسازي جي لاءِ سينيٽ اجلاس باقاعدگي سان ۽ وقت سر منعقد ڪيا وڃن، سمورين يون??ور??ٽين ۽ لاڳاپيل وزارتن کي سينيٽ ميمبرن جون خالي سيٽون وقت سر ڀرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته يون??ور??ٽين کي انتظامي ۽ تدريسي جاين تي ميرٽ تي ڀرتي جو عمل پڻ وقت تي شروع ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته يون??ور??ٽيون مارڪيٽ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نوان شعبا شروع ڪن، يون??ور??ٽين ۾ نئين شعبن ۾ درس ۽ تدريس شروع ڪرڻ کان اڳ مارڪيٽ جي ضرورتن جو جائزو پڻ وٺڻ گهرجي. صدر يون??ور??ٽين تي زور ڏنو ته اهي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۾ يون??ور??ٽين ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، يون??ور??ٽيون معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين تعليم جو سهارو وٺن. اهڙي ??رح يون??ور??ٽيون آمدني وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولين ۽ تحقيقي گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ پروفيشنلز جي مدد وٺن. اجلاس ۾ ڪامسيٽس يون??ور??ٽي جي مالي، انتظامي، تعليمي ۽ ملازمن سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملڪي يونيورسٽين ۾ نوان شعبا شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز