ڄامشورو-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ ??ونيورسٽي ڄامشورو ۾ وف??قي حڪومت جي نشينل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ (نيسٽ) تحت سنڌ ??ونيورسٽي،لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش يونيورسٽيءَ جي ذهين شاگردياڻين کي اسڪالرشپ جا چيڪ ڏيڻ جي سلسلي ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي. سنڌ ??ونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس ??نانشل ايڊ آفيس پاران آرٽس ??ئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت وف??قي وزير مدد علي سنڌي هو. تقريب ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، شهيد الله بخش يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائين اينڊ هيريٽيج جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو، ڊينز، پروفيسرن، آفيسرن ۽ شاگ??دن توڙي شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته وف??قي وزير مدد علي سنڌي مادر علميءَ جو گريجوئيٽ آهي، جيڪو ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو وڏو دانشور پڻ آهي. تعليمي، تحقيقي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ هو هميشه اڳڀرو رهيو، جڏهن ته تازو هن سنڌ ??ونيورسٽيءَ جي باني وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي تي تحقيق جي بنياد تي هڪ عاليشان ڪتاب لکيو آهي. سندس تحقيقي پورهيو پي ايڇ ڊي سطح کان به وڏو آهي. هن چيو ته سنڌ ??ونيورسٽي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهي آهي. مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي هجي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي هجي يا شهيد الله بخش يونيورسٽي، ٽيئي سنڌ ??ونيورسٽيءَ جي پيداوار آهن. هن چيو ته سنڌ ??ونيورسٽي شاگ??دن ۽ شاگردياڻين جي بهترين خدمت ڪري رهي آهي، اهو ئي سبب آهي ته هاسٽلن ۾ الاتمينٽ جي سال جي في صرف 5 هزار رپيا آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي سهولت به سستي فيس تي مهيا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ ??ونيورسٽيءَ ۾ 400 ٽيچرز پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي جون ڊگري ڪري آيا ۽ جيڪي مقامي پي ايڇ ڊي هولڊر آهن، اهي پڻ پاڻ ملهائي رهيا آهن ۽ سندن تحقيقي مقالا دنيا جي بهترين جرنلن ۾ ڇپجي رهيا آهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته گريجوئيشن مڪمل ڪندڙ شاگ??دن ۽ شاگردياڻين جي سهولت لاءِ سنڌ ??ونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس ۾ وف??قي حڪومت جي سهڪار سان نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جتي سنڌ ??ونيورسٽيءَ سميت مختلف يونيورسٽين جي گريجوئيٽ نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ بزنس اسٽارٽ اپ سميت مختلف مهارتون شامل آهن. وف??قي وزير مدد علي سنڌيءَ چيو ته هو 45 سال اڳ سنڌ ??ونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. مادر علميءَ سان سندس خوبصورت يادون جڙيل آهن. هو انٽرنيشنل هاسٽل ۾ رهندو هو. هن چيو ته وزير طور حلف کڻڻ بعد هن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وي سيز جو اجلاس گهرايو ۽ سندن يونيورسٽين جا مسئلا ٻڌا. هن چيو ته 16 آڪٽوبر تي هن اسلام آباد ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن جي ايجنڊا ٻن اسمن تي مشتمل آهي ته چئني صوبن ۾ جيڪي لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن جي پڙهائيءَ جو بندوبست ڪيئن ڪجي ۽ صوبن ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر تعليم کي ڪيئن بهتر بڻائجي. هن چيو ته هن جڏهن پنهنجي وزارت جو جائزو ورتو ته کيس 27 ڊپارٽمينٽ نظر آيا، جن ۾ نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ به شامل هو. هن چيو ته هن هڪدم سنڌ ??ونيورسٽيءَ جي ذهين شاگ??دن جي اسڪالرشپ جو پڇيو ۽ اڄ هتي ٽن يونيورسٽين جي ٻارن کي اسڪالرشپ جي رقم ڏيڻ پهتا آهيون. هن اعلان ڪيو ته جلد سنڌ جا 2 موجوده يا اڳوڻا وي سيز نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ واري کاتي ۾ شامل ڪندس ته جيئن صوبي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي شاگ??دن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ ملي سگهي. هن چيو ته سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ لاءِ جيڪو ٿي سگهيو ڪندس. وف??قي وزير چيو ته صوبن خاص طور سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت بهتر ڪرڻ۽ معياري تعليم جي فراهميءَ لاءِ سڀني کي ذميواريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جلد ملڪ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز کي گهرائي سندن يونيورسٽين جا مسئلا ٻڌا ويندا ته جيئن اهي حل ڪري سگهجن. هن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليمي بجيٽ جو درست استعمال ٿئي ته 80 سيڪڙو مسئلا حل ٿي ويندا. تقريب ۾ سنڌ ??ونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش يونيورسٽي آرٽس، ڊيزائين ۽ هيريٽيج جي ذهين شاگردياڻين کي اسڪالرشپ جا چيڪ ڏنا ويا. تقريب ۾ سنڌ ??ونيورسٽي ۽ لياقت يونيورسٽيءَ جي ٻن شاگردياڻين نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ تحت پنهنجي پرهائي مڪمل ڪري عملي زندگيءَ ۾ مليل ڪاميابيءَ بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ وف??قي وزير مدد علي سنڌي، وائيس چانسلر محمد صديق ڪلهوڙو سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊيزائين جو دورو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي ۽ ٻين سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي اڳوڻي وي سي مظهرالحق صديقي ۽ سندس پورٽريٽ وف??قي وزير کي تحفي ۾ ڏنا، گڏوگڏ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ٽيڪسٽائيل شعبي جي شاگ??دن ۽ شاگردياڻين پاران تيار ڪيل مفلر ۽ اجرڪن سميت مختلف ثقافتي تحفا وف??قي وزير حوالي ڪيا ويا. ان کان اڳ وف??قي وزير مدد علي سنڌيءَ ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ جي بينظير گئلريءَ ۾ فوٽو نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ گئلريءَ ۾ لڳايل تصويرون دلچسپيءَ سان ڏٺيون. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي شاگ??دن ۽ شاگردياڻين توڙي سندن سپروائيزر ٽيچرن جي واکاڻ ڪئي.جنهن بعد هن علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي جي مزارن تي حاضري ڀريندي گلن جي چاندر چاڙهي ۽ سندن مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وفاقي حڪومت جي نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ تحت ٽن يونيورسٽين جي ذهين شاگردياڻين ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا وي
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز