اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ 48هين 2 ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس 11 ۽ 12 ربيع الاول (28 ۽ 29 سيپٽمبر) تي اسلام آباد ۾ ٿيندي، اها ڪانفرنس انعام ورهائڻ، سيرت، نع?? ۽ ??يرت النبي ﷺ جي موضوع تي مقالن ۽ ڪتابن ۾ مقابلن جهڙن ٻن اهم حصن تي ٻڌل هوندي. هلندڙ سال مقالن ۽ سيرت ۽ نعت جي ڪتابن ۾ مقابلي جو اعلان فيبروري ۾ ڪيو ويو هو جنهن جو عنوان ”ملڪي معاشي استحڪام جي لاءِ حڪمت عملي، سيرت النبي ﷺ جي ر??شن?? ۾“ هو. واضح رهي ته مقالن ۽ ڪتابن جي مقابلن جي لاءِ وزارت کي مليل سمورن مقالن ۽ ڪتابن کي شروعاتي طور تي وزارت جي سطح تي هڪ ڇنڊڇاڻ ڪميٽي شرطن ۽ ضابطن موجب پرکي ٿي، ان مرحلي ۾ چونڊيل هر ڪتاب ۽ هر مقالي کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ماهرن تي ٻڌل ججز جي ڪميٽي کي تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ موڪليو ويو، اهي جج ۽ ماهر يونيورسٽين جا پي ايڇ ڊي سطح جا پروفيسرز هوندا آهن. بعد ۾ انهن ماهرن جي رپورٽن کي هڪ اعليٰ سطحي ??يپڪس ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، اها ڪميٽي هر ڪتاب ۽ مقالي کي ڄاڻايل رپورٽس جي ر??شن?? ۾ پرکي فيصلو ڪري ٿي ته ڪهڙو ڪتاب ڪهڙي انعام جو مستحق آهي. اهڙي طرح انعام يافته قرار ڏنل ڪتاب ۽ مقالا سيرت جو تعين هوندا آهن. هلندڙ سال ڪتابن، سيرت ۽ نعت جي مقابلي جي لاءِ 137 ڪتاب مليا جن مان انعام حاصل ڪندڙ خوشنصيب ماڻهن جو انگ 31 آهي جڏهن ته 94 سيرت مقالا مليا جن ۾ انعام حاصل ڪندڙ ماڻهن جو انگ 35 آهي. هن سال ڪل 66 خوشنصيب ماڻهو انعام حاصل ڪندڙن ۾ شامل هوندا. انعام حاصل ڪندڙن کي يادگاري شيلڊز، سرٽيفڪيٽس ۽ روڪ انعامن سان نوازيو ويندو. مذهبي معاملن واري وزارت معياري مقالن کي ڇپرائي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي لائبريرين ۽ سيرت النبي ﷺ جي موضوع تي تحقيقي ادارن کي مفت فراهم ڪندي. سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس جا ٻه سيشن ٿيندا، پهرين سيشن ۾ مقالن، ڪتابن ۽ سيرت ۽ نعت جي موضوع تي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر ايند?? ليکڪن ۽ شاعرن ۾ انعام ورهايا ويندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ هر سال سيرت ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ناليوارا مذهبي اسڪالرز شرڪت ڪندا آهن جنهن جو مقصد عالم سڳورن جي گڏيل ميل جول سان فڪري فاصلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿئي ٿو ۽ ان سان مذهبي هم آهنگي، رواداري تي پڻ خوشگوار اثر پون ٿا. ڪانفرنس جي افتتاحي ??يشن ۾ محفل نعت پڻ منعقد ??ئي ويندي جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارا نعت خوان نبي اڪرم ﷺ جي شان ۾ مدح سرائي ڪندا. ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن مرڪزي تقريب ۾ سيرت النبي ﷺجي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويندو، موضوع جي مناسبت سان اسڪالرز ۽ خطاب ڪندڙ مختلف عنوانن معيشت جو تصوراتي رخ سيرت النبي ﷺ جي ر??شن?? ۾، فلاحي معيشت جو قيام سيرت النبي ﷺ جي ر??شن??، معيشت ۽ معاشرت جي تعلق جو رخ سيرت النبي ﷺ جي ر??شن??، معيش?? ۽ ??خلاق جي تعلق جو رخ سيرت النبي ﷺ جي ر??شن?? ۾، معاشي استحڪام ۾ رياست جو ڪردار سيرت النبي ﷺ جي ر??شن??، زڪوا?? ۽ ??دقي جو معاشي استحڪام ۾ ڪردار جو رخ سيرت النبي ﷺ جي ر??شن?? ۾، اسلام جو مثالي معاشي نظام جو رخ سيرت النبي ﷺ جي ر??شن?? ۾، معاشي استحڪام جي لاءِ ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت سيرت النبي ﷺ جي ر??شن?? ۾، ڪسب معاش جي فضيلت ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ان جي اهميت سيرت النبي ﷺ جي ر??شن?? ۾، معاشي استحڪام جي لاءِ منصوبابندي جي اهمي?? ۽ ??رورت سيرت النبي ﷺ جي ر??شن?? ۾ ۽ معاشي استحڪام ۾ عورتن جو ڪردار سيرت النبي ﷺ جي ر??شن?? ۾“ تي خيالن جو اظهار ڪندا.
مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ 2 ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس28 کان اسلام آباد ۾ ٿيندي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا