اسلام آباد _ 18 آگسٽ (اي پي پي ) ڊاڪٽر نديم جان نگران وفاقي صحت واري وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي وزارت جو قلمدان سنڀالي ورتو آهي . صحت واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق وفاقي صحت واري سيڪريٽري افتخار علي شلوني ۽اسٽاف صحت واري وزير جي آجيان ڪندي ??يو ته ڊاڪٽر نديم جان صحت جي شعبي ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز حاصل ڪري چڪو آهي . ??و پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجن خدمتن جي بدولت عالمي شهرت رکي ٿو . چارج سنڀالڻ بعد وزارت جي آفيسرن ۽ هيڊ آف ڊيپارٽمنٽ سان تعارفي ملاقات به ڪئي . ان موقعي تي وفاقي صحت کاتي جي سيڪريٽري افتخار شلواني ، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪامران رحمان خان ، ڊي جي هيلٿ ، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا . ان موقعي تي نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ??يو ته صحت واري وزارت کي درپيش چيلنجز سان منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آندو ويندو . اسان کي ملڪ ۽ قوم جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو . صحت جو شعبو اسان جي پهرين ترجيح آهي . عوام جا مسئلا گهٽ مدت ۾ حل ڪنداسي ، اسان س??ن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو . ڊاڪٽر نديم جان ??يو ته صحت جي شعبي ۾ مفاد عام لاءَ انقلابي ۽ فلاحي منصوبن جي بنياد رکنداسي .
نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان صحت جو قلمندان سنڀالي ورتو
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش