اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي جنين پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ 14 سالا ٻار سميت 4 فلسطيني شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ا??ان زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪريون ٿا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ فوري قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته مسئلي جو پرامن حل ٻه رياستي حل ??اڳ?? ڪرڻ ۾ آهي، اسان 1967ع کان اڳ ??ي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جو گادي وارو شهر القدس ??ري?? هجي.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔