اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت آندي ويندڙ ۽ غيرقانوني استعمال هيٺ لگزري گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪارنيٽ ڊي پيسيجز اسڪيم تحت آندي ويندڙ گاڏين جي مقرر مدي کان وڌ??ڪ ۽ غيرقانوني استعمال جو سخت نوٽيس وٺندي اسلام آباد ۾ هڪ خصوصي ا??لا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. ا??لا?? ۾ ملڪ ۾ لگزري گاڏين جي داخلا ۽ اخراج جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. ا??لا?? ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ا??لا?? ۾ اهڙي لگزري گاڏين جي نشاندهي به ڪئي وئ?? جيڪي ڪارنيٽ ڊي پيسيج جي سهولت تحت پاڪستان ۾ آنديون ويون ۽ طئي ٿيل مدو پورو ٿي وڃڻ جي باوجود استعمال ٿي رهيون آهن جنهن تي وزيراعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙيون سموريون گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل کاتن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي. ان ڏس ۾ وزيراعظم هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئ?? جيڪا ان سموري معامل?? جي جاچ جي ذميوارن جو تعين ڪندي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جي مرتڪب ٿيا ته انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج اسڪيم تحت اهڙيون سموريون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا ??لد کان ??لد گڏ ڪئي وڃي. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل ادارن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ وزيراعظم ان معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج تحت اهڙيون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا ??لد کان ??لد گڏ ڪئي وڃي. هن چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جا مرتڪب ٿيا انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
وزيراعظم پاران ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت آندي ويندڙ ۽ غيرقانوني استعمال هيٺ لگزري گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی