اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چ??و آهي ته فارن فنڊڊ پارٽين کي ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، قوم جي مفاد کي مٿانهون رکندي فيصلا ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ منعقد قومي آئ??ني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو ته هو مختلف سياسي پارٽين جي انهن لکين سياسي ڪارڪنن کي خراج تحيش پيش ڪرڻ چاهي ٿو جنهن اڄ تائين 1973ع جي آئ??ن کي محفوظ رک??و آهي. اڪابرن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هن ملڪ لاءِ آئ??ن ٺاهيو ويو، 1973ع جي آئ??ن کانپوءِ ضياءُ الحق ۽ مشرف مارشل لا لڳايو ۽ عدالتن نظريه ضرورت تحت ان کي نه رڳو جائز قرار ڏنو پر فرد واحد کي آئ??ن ۾ ترميمن جي اجازت به ڏني وئي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو تعين ايوب، ضيا ۽ مشرف ڪندا آيا آهن، هي پاليسي هن ايوان کي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان چين سان معاشي معاهدن تي عملدرآمد چاهيون ٿا، افغانستان ۾ افغانستان جي حڪومت کي تسليم ??يو وڃي، اسان ايران سان اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا جون عالمي تنظيمون هتي پنهنجي غلام سياستدانن ۽ فارن فنڊڊ پارٽين جي مدد ڪنديون آهن، اهي آئ??ن جي شڪل بگاڙيندا آهن. اهي عدالتي نظام کي بگاڙيندا آهن ۽ قوم کي ورهائيندا آهن. پاڪستان ۾ ڇو فارن فنڊڊ پارٽين کي اڳتي آندو پيو وڃي، اسان کي انهن فارن فنڊڊ پارٽين سان ڳالهين تي ڇو مجبور ??يو پيو وڃي، اسان ڳالهيون پاڪستان ۽ پاڪستان جي انهن پارٽين سان ڪنداسين جيڪي عالمي ايجنڊا تي عمل پيرا نه هجن. اسان کي پشتون، بلوچ، سرائيڪي قومپرستن سان به ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آئ??ن سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪم ڪري رهي آهي، ڇو نه ان جي متفقه سفارشن کي هن پارليامينٽ ۾ پيش نه ??يو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سفارشون مڪمل آهن. هن چيو ته اسان اڄ به آئ??ن ۽ پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهيون. هتي فراڊي ايندا آهن، ضياءُ الحق به اسلام جو نعرو لڳايو ۽ هاڻي هڪ فراڊي به مديني جي رياست جو ن??لو وٺي ره??و آهي پر اسلام پسندن سدائين اهڙن دوکي بازن کي رد ??يو آهي. هن آئ??ن جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ??يو ۽ چيو ته اسان جي اڪابرن قربانيون ان لاءِ ناهن ڏنيون ته هتي فارن فنڊڊ پارٽيون ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائي ڇڏين جتي ڀاڙي تي سياستدان دستياب هجن، ملڪ لاءِ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهيون، 1973ع جي آئين کي محفوظ رکندڙ لکين سياسي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: وفاقي وزير مولانا اسعد محمود
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ