اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پنجاب حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضا?? پئڪيج تيار ڪيو ??هي جنهن تحت غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پنجاب ۾ رمضا?? پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي جي جائزه اجلاس ۾ ڪيو ويو. پهريون ڀيرو غريب خاندانن کي مفت اٽي جي فراهمي ??و اهو پنهنجي نوعيت جو پهريو?? پئڪيج ??هي جيڪو وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ پنجاب صوبي ۾ غريب ترين ماڻهن کي خصوصي رمضا?? پئڪيج تحت مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم غريب خاندانن کي رمضا?? پئڪيج تحت اٽي جي فراهمي تي ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رمضان مهيني ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب ماڊل جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ رمضا?? پئڪيج جي غريب عوام کي فراهمي جي لاءِ وفاق صوبن کي هر ممڪن تعاون ??راهم ڪندو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب زاهد اختر زمان ۽ ناڻي واري سيڪريٽري مجاهد شير دل رمضا?? پئڪيج جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي کانسواءِ خوراڪ وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب حڪومت پاران مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل