دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هو قطر جي امير پاران ڪانفرنس ۾ شر??ڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شر??ڪ ٿي??. وزيراعظم سومر ڏينهن ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قطر جي سيڙپڪاري بورڊ، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي سي اي او منصور ابراهيم ال محمود به وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف ??جو??زن تي اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان جي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي وئي.
وزيراعظم قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا