ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) عالمي اقتصادي فورم جو 53 هون ??ال??انو اجلاس سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. پاڪستان 20 جنوري تائين جاري رهندڙ عالمي اقتصادي فورم جي مختلف اجلاسن ۾ عالمي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪندو. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي صدر جي دعوت تي پرڏيهي وزير فورم جي ??ال??اني اجلاس ۾ شريڪ آهي. اجلاس دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادا??ن جي سربراهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن سميت شرڪت ڪندڙ اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندا.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت