ڪراچي-19 آڪٽوبر (اي پي پي)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جي وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بينظيرانڪم سپورٽ پ??وگ??ام اڄ تائين ڪل 26 لک 46 هزار ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ڪيش رليف جي امدادي رقم ور??ائي وئي آهي، ان حساب سان سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ور??ائي وئي آهي. وفاقي وزيرشازيه مري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام اڄوڪي ڏينهن تي وڌيڪ 5 ھزار خاندانن کي 25 هزار روپين جي امدادي رقم تقسيم ڪئي وئي. اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن سندس ھ?? جاري بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چيو ته هي رقم وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ور??ائي پ??ي وڃي ۽ ھيل تائين سنڌ جي 18 لک 12 هزار خاندانن ۾ 46 ارب رپيا ور??ايا ويا آهن. بلوچستان جي 2 لک 10هزار کان وڌيڪ متاثر خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امداد ڏني وئي آهي جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي 3 لک خاندانن کي 7 ارب 50 لک رپيا ادا ڪيا ويا. ھن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 3لک 23 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ور??ائي وئي آهي، گلگت بلتستان جي 462 خاندانن کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنا ويا جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام تحت رقم جي ورھاست دوران شفافيت کي يقيني بڻ??يو پيو وڃي.
سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائي وئي، وزيراعظم جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بي آءِ ايس پي ڪل 26 لک 46 هزار ڪيش رليف جي امدادي رقم ورهائي: وفاقي وزير شازيه عطا مري
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز