اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاع?? حسين اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاع?? حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. ملاقات دوران مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي هر مشڪل حالتن ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم ن??ير تارڙ، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌر?? سال?? حسين ۽ وزيراعظم جا خاص معاونين ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.
چوڌري شجاعت حسين سان اتفاق آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ