اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي امداد جي مانيٽرنگ جي لا??ِ فلڊ ريليف ڊيش بورڊ کي عالمي معيارن ۽ قوم جي ضرورتن موجب وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادارن جي وچ ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن ۽ ملڪي ساک ۾ اضافي جي لا??ِ گ??رب?? وڌيڪ خصوصيتن سان ڊيش بورڊ عالمي معيار رکندڙ هجڻ گهرجي جنهن تي قوم کي فخر هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثرين جي ريئل ٽائيم مانيٽرنگ جي لا??ِ ڊيش بورڊ بابت بريفنگ دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن جو باضابطا افتتاح ايندڙ سومر تي ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ان ڊيش بورڊ جي اهم خصوصيتن تي بريفنگ ڏني وئي. ڊيش بورڊ سان ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ امداد بابت معلومات تائين پهچ ممڪن ٿيندي، ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ ڏنل فنڊز جا سمورا تفصيل به ڊيش بورڊ تي دستياب هوندا. تقريب ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق ب??ير چيما، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر (اين ايف آر سي سي) ميجر جنرل ظفر اقبال پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڊيش بورڊ جي ورڪنگ وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڊيش بورڊ تي ريئل ٽائيم انفارميشن اپ ڊيٽ ڪئي وڃي، هي ڊيش بورڊ وڌيڪ گ??رب?? خصوصيتن جي اضافي سان عالمي معيار سان هم آهنگ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڊيش بورڊ جو قدم هڪ سٺو قدم آهي جڏهن ته ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، امدادي ڪاررواين ۽ امدادي سامان جي ورڇ بابت صحيح معلومات سان گڏ ان ۾ موسميات کاتي سميت لاڳاپيل ادارن پاران ف??اه?? ڪئي ويندڙ معلومات ۽ ٻين خصوصيتن کي شامل ڪري ان کي اهڙو بڻايو وڃي جنهن تي قوم فخر ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، الله تعاليٰ پاڪستان جي عوام کي تمام گهڻين خصوصيتن سان نوازيو آهي، اهڙو ڊيش بورڊ ٺاهيو جنهن سان عالمي سطح تي اسان جي ساک ۾ به اضافو ٿئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڊيش بورڊ کي عوامي امنگن موجب بڻائڻ جي لا??ِ هڪ هفتو وڌيڪ وٺو، ايندڙ سومر تي ان جو باضابطا افتتاح ڪندس. وزيراعظم چيو ته جن ملڪن ۽ عالمي تنظيمن پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ امداد ف??اه?? ڪئي آهي، خميس تي انهن جي نمائندن سان هڪ اجلاس به منعقد ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان اجلاس جي لا??ِ ڀرپور تيار ڪئي وڃي ته جيئن اسان انهن کي پنهنجي ضرورتن بابت آگاهه ڪري سگهون. تقريب کي خطاب ڪندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ ڏنل فنڊز جا تفصيل ڊيش بورڊ تي دستياب هوندا، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ جي صورتحال ۾ تمام وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، دنيا پاڻ تسليم ڪري ٿي ته پاڪستان جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو انتهائي گهٽ آهي، اسان کي مستقبل ۾ به اهڙي طح جي قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ تياري ڪرڻي پوندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق چيو ته ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي لا??ِ ڊيش بورڊ تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي، هي ڊيش بورڊ اڳتي به اسان کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ کنيا ويندڙ قدمن ۾ مدد ڏيندو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق ب??ير چيما چيو ته متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي تحفظ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ چئني صوبن جي زراعت وارن وزيرن ۽ سيڪريٽريز جو پڻ هڪ اجلاس گهرايو ويو آهي ته جيئن گڏيل طور تي فيصلا ڪري سگهجن. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت هڪ لک 33 هزار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 30 هزار وڌيڪ خيمن جي طلب آهي، چين مان 5 هزار خيما جلد ملي ويندا، اهڙي طرح ترڪيه ۽ سعودي عرب جا سفارتخانا به خيما ف??اه?? ڪرڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهيا آهن، اسان کي 70 کان 80 هزار وڌيڪ خيمن جي ضرورت پوندي، خوراڪ، صحت جي سهولتن ۽ شيلٽرز جي ف??اه??ي اولين ترجيح آهي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سکر – حيدرآباد رستي کي ٽريفڪ جي لا??ِ کوليو ويو آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ به ??وڊ نيٽ ورڪ جي بهتري لا??ِ مدد ڪندي، رستن کي ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي جنهن کانپوءِ بحالي جو ڪم شروع ٿيندو، اڪثر علائقن ۾ رستن تي اچ وڃ بحال ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ اڪثر علائقن ۾ بجلي جي به ف??اه??ي ڪئي وئي آهي. اين ايف آر سي سي جي ڪوآرڊينيٽر ميجر جنرل ظفر اقبال ٻڌايو ته ٻوڏ کان متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لا??ِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڻي ڪڍڻ ۾ ٻه کان ٽي هفتا وڌيڪ لڳندا، ٻوڏ وارو پاڻي لهڻ سان ئي متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ممڪن ٿي سگهندي، متاثر علائقن ۾ بيمارين جي روڪٿام ۽ علاج جي لا??ِ به خصوصي قدم کنيا ويا آهن ۽ ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون ف??اه?? ڪيون پيون وڃن.
ٻوڏ متاثرين جي امداد جي مانيٽرنگ لاءِ فلڊ ريليف ڊيش بورڊ کي عالمي معيارن ۽ قوم جي ضرورتن موجب وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa