اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ صحت جي ش??بي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايمرجنسي حالتن ۾ حياتي بچائيندڙ عالمي معيار جي سي پي آر تربيت لکين زندگيون بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز جي ??رب??اهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان اسٽريٽجڪ ريفارمز جي ??رب??اهه کي فوري قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ کي اسڪولن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته ان کانسواءِ هر شهر کي سي پي آر جي تربيت ڏيڻ به مهم جو ح??و هوندو، ايندڙ هفتي ان ملڪ گير مهم جي حوالي سان مڪمل حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صحت جي ش??بي ۾ ميرٽ جي بالادستي، عالمي معيار جي تعليم ۽ پنجاب صوبي ۾ اسپتالون قائ?? ڪرڻ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قومي سطح تي صحت جي ش??بي ۾ سڌارن جو پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ گير حياتي بچائيندڙ سي پي آر جي تربيت جي مهم ان سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان ۾ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم، سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک