اسلام آباد – 13 – مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوجرانوالا ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ قي??تي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عورتن سميت فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت کي سڌارن جي هدايت ڪريون ٿا. بهتر رستن جي تعمير ۽ انتظامي قدمن سان حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام، وارثن کي صبر جم??ل ڏي، هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا به ??ئي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس