زائو شن/ شوڪت چانڊيو
بيجنگ 2022ع ۾ ٿيندڙ ونٽر اولمپڪس گيمز جي ڊريسڊ ريهرسل جاري آهي. اها ريهرسل نيشنل اسٽيڊيم (برڊ نيسٽ) ۾ ٿي رهي آهي. چين جي گادي واري شهر کي ڪيترين ئي خوبصورت روشنين سان سجايو ويو آهي ۽ هن وقت بيجنگ جي عوام ۾ ونٽر اولمپڪس جي حوالي سان وڏو جوش ۽ جذبو آهي. بيجنگ 2022ع ونٽر اولمپڪس جي مشهوري جي لاءِ ??يار ڪيل نغمو ”ٽو گيدر فار اي شيئرڊ فيوچر“ جي عنوان سان ريليز ڪيو ويو آهي. هي سيارو سڄي ??ني?? جي عوام لاءِ هڪ خوشي، جذبي، اڳتي وڌڻ، همت ۽ حوصلي جو ثابت ٿيو آهي. دي اولمپڪ چارٽر اولمپڪ موومينٽ جو هڪ بنيادي جز آهي جيڪو ان ڳالهه کي هٿي وٺرائي ٿو ته اولمپڪس جو بنيادي مقصد راند جي اها جاءِ آهي جيڪا انسان ذات کي خوشي، ترقي وٺرائڻ جي لاءِ آهي جيڪا پرامن معاشرو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ۽ انساني عظمت کي وڌائڻ جي لاءِ ۽ اهو ئي اولمپڪ جو مکيه جذبو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ انسا??يت کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ سماجي ترقي ٿئي.
2021ع ۾ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي (آئي او سي) چيو هو ته ميڙاڪو اولمپڪ جو هڪ اهم نعرو آهي جيڪو تيز عظيم، مضبوط ڳانڍاپي کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ آهي ۽ ان سان سڄي ??ني?? ۾ هڪ جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو ۽ مسئلن جي ور چڙهيل ??ني?? ۾ انسا??يت کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ ??هڪار کي وڌائيندي. ڪوويڊ 19 اڃا تائين سڄي ??ني?? ۾ موجود آهي، جيڪو ماڻهن جي جان ۽ مال جي خطرناڪ آهي. ڊائنامڪ زيرو ڪيس پاليسي موجب چين ان وبا جي خاتمي لاءِ ۽ ماڻهن جي صحت کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهي آهي، دٻاءُ تمام گهڻو آهي پر ونٽر اولمپڪس جي حوالي سان بيجنگ تمام وڏيون ۽ جامع تياريون ڪيون آهن. اولمپڪس جون تياريون ڪيترن ئي هفتن کان جاري آهن ۽ ونٽر اولمپڪس بيجنگ جو سدائين خواب رهيو آهي. بيجنگ 2022ع ۾ ان حوالي سان ڪمٽيڊ آهي ته هو ايٿليٽس کي اعليٰ معيار جون سهولتون ۽ خدمتون فراهم ڪندو.
بيجنگ 2022ع ونٽر اولمپڪس جي لاءِ ??ئي او سي ڪوآرڊينيشن ڪميشن جي چيئرمين جان انٽينيو سمرچ جونيئر چيو آهي ته اسان کي بيجنگ ۾ ٿيندڙ ونٽر اولمپڪس جي لاءِ ??يارين جي حوالي سان خوشي ٿي رهي آهي ۽ ان حوالي سان 300 ملين چيني ماڻهن کي انگيج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بيجنگ 2022ع جي لاءِ ڪو به شڪ نه آهي ته انتظاميا اولمپڪ ايجنڊا 2020ع ۽ يونائيٽيڊ نيشن سسٽين ايبل گول جي لاءِ ??مل پيرا آهي. ڪيترين ئي اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ ??يجنگ 2022ع جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. چيني عوام ان حوالي سان پراعتماد آهي ته اها هن ايونٽ کي سڄي ??ني?? جي لاءِ ڪامياب بڻائيندا ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ سڄي ??ني?? جو ڌيان بيجنگ اولمپڪس تي هوندو ۽ بيجنگ ڊبل اولمپڪ سٽي بڻجي ويندو، جتي سڄي ??ني?? مان ايندڙ رانديگر پهچندا ۽ هڪ نئين اولمپڪس جي لاءِ ??اريخ رقم ڪندا.
ونٽر اولمپڪس لاءِ ميڙاڪو ۽ مستقبل
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس