فيصل آباد – 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ٻه ڀيرا پنجاب ۽ ان جو ڀاءُ ٽي ڀيرا وزيراعظم پاڪستان رهيو پر اهي چون ٿا ته انهن هڪ رپئي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي، انهن ??ون 17 هزار ٽرانزيڪشنز پڪڙيون ويون آهن ۽ انهن ??ي چپڙاسين جي اڪائونٽ ۾ اربين رپيا وڌا ويا. هو چبان روڊ تي موجود هجويري ميرج هال جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته شهباز شريف تي ساڍا 7 ارب رپين جو ٽي ٽيز جي ذريعي ڪرپشن ڪيس آهي پر هو ان کي مڃڻ يا انهن ٽرانزيڪشن جون رسيدون فراهم ڪرڻ ۽ پنهنجي آم??ني جا ذريعا ٻڌائڻ کان قاصر آهي. هن چيو ته شريف خاندان رمضان شگر ملز جي 14 ملازمن جي نالي جعلي اڪائونٽ کولرائي 16 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي جڏهن ??ه مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ ذريعي 4 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا. هن چيو ته بار بار پڇڻ تي به شهباز شريف اهو ٻڌائڻ گوارا نه ڪري رهيو آهي ته مقصود چپڙاسي ڪير آهي جنهن ??ي اڪائونٽ مان ان جي نالي تي اربين رپين جا کاتا هيڏانهن کان هوڏانهن منتقل ڪيا ويا. هن چيو ته (ن) ليگ جي مشهور درٻارين به ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي. انهن ??رٻارين پنهنجي سياست جي شروعات ويسپا اسڪوٽر سان ڪئي ۽ اڄ اهي پنهنجي ۽ پنهنجي آقائن جي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ عدالتن تي حملو ڪرڻ ۽ انهن ??و گهيراءُ ڪرڻ جون گيدڙ ڀڀڪيون هڻي رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگين جو اهو گوڙ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اهي چور آهن ۽ انهن ??ربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ عدليه آزاد آهي جنهن ??ي ڪري هاڻي طاقتور کي به قانون جو خوف پيدا ٿي ويو آهي. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ احتساب جي نالي تي عوام کان ووٽ ورتا ان لاءِ اها احتساب جو پنهنجو چونڊ واعدو ۽ منشور ۾ ڏنل مشن پورو ڪري رهندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نه رڳو آ??ين ۽ قانون موجود آهي پر ان تي عملدرآمد جي لاءِ ادارا به موجود آهن. اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ??ه شريف خاندان اقتدار ۾ آيو آهي ان ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري رکي پر جڏهن ??نهن کان ڪرپشن جو حساب ورتو وڃي ٿو ته اهي آ??ين با??ين شا??ين ڪن ٿا ۽ ڌمڪي وارو رويو اختيار ڪندي عدالتن کان فراريت اختيار ڪن ٿا. پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو حساب ڏيڻو پوندو. فرخ حبيب چيو ته قانون جي خلاف ورزي ۽ حڪومتي ادارن سان سنگين مذاق ڪنهن ??ه صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته شريف خاندان جو طريقو اهو رهيو آهي ته اڳ ۾ ڦرلٽ ڪريو ۽ جيڪڏهن پنهنجي وڃڻ جو ڊپ هجي ته پ??سو هلايو ۽ جيڪڏهن پئسي سان ڪم نه هلي ته ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ ادارن تي حملا شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪالهه اڳوڻي قانون واري وزير هڪ بيان ڏنو جيڪو انتهائي افسوس جوڳو آهي جنهن ۾ هن ??دالتن تي ٻيهر حملي جي ڳالهه ڪئي آهي پر هاڻي اسان ا??ين ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته شريف خاندان جا ڪيسز جن عدالتن ۾ آهن هاڻي اتي اهڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي جو لاڳاپيل عملدارن کي دٻاءُ ۾ آندو وڃي ته جيئن انهن ??ي خلاف فيصلا نه اچي سگهن. پر اسان کي اميد آهي ته فيصلا ميرٽ جي بنياد تي ۽ هر قسم جي دٻاءُ کان مٿانهون ٿي ڪيا ويندا. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس به انهن کي انهي لاءِ سسلين مافيا چيو هو. هن چيو ته شهباز شريف ۽ سندس مشهور درٻاري جيتري مرضي ڀڄي وٺن يا ڊيڄارين ڌمڪائين، حڪومت انهن کان مرعوب نه ٿيندي. هن چيو ته سدا??ين گيدڙ ڀڀڪين ۽ ڌمڪين سان اتي ڪم ورتو وڃي ٿو جتي توهان وٽ بريت ۽ بيگناهي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه هجي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته کلي عام عدليه کي ڌمڪيون ڏيڻ افسوسناڪ آهي ۽ راڻا ثناءُ الله خان جو بيان آزاد عدليه تي حملو آهي. هن چيو ته اسان آزاد عدليه جي لاءِ جدوجهد ڪئي هئي، ان لاءِ اسان ڪنهن کي آزاد عدليه تي حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته ٽرانسپرنسي رپورٽ ۾ اهو ئي چيو ويو ته قانون مڪمل لاڳو نه آهي جنهن ??و سبب ماضي جا شريف ۽ زرداري خاندان آهن ??ن قانون کي پنهنجي گهر جي بانديءَ بڻائي رکيو ۽ اهي ڪرپشن تي پڪڙجڻ جي خوف کان هڪ آواز ٿي قانوني ادارن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن پر اسان انهن ??ي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين.
ٻه ڀيرا پنجاب ۽ ان جو ڀاءُ ٽي ڀيرا وزيراعظم پاڪستان رهيو پر اهي چون ٿا ته انهن هڪ رپئي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : گرم گرم